اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته پاناما، پيراڊائيز ۽ هاڻي پينڊورا پيپرز ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته لُٽيل دولت جي م??ي لانڊرنگ لاءِ هزارين آف شور ڪمپنين کي استعمال ڪيو ويو ان ۾ جن 700 ماڻهن جو تعلق پاڪستان سان آهي، انهن کان ضرور ان لاقانونيت جي دولت جي ذريعن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لُٽيل رقم واپس آندي وڃي پر ان ٽيڪس چور جي پناهگاهه جو ڇا ڪجي؟ هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين اولهه جي ڇانو هيٺ ٽيڪس پناهگاهن ۾ لُٽيل دولت لڪائڻ جي هڪ وڏي تاريخ آهي، ??ن چيو ته اها دولت ستايل يهودين ۽ منهنجي م??ڪ سميت ٻين ملڪن مان لُٽي وئي، کربين ڊالر جي ان پيچيده اسڪيم جو انداز ۽ طريقيڪار بلڪل ايسٽ انڊيا ڪمپني جي لُٽ مار جهڙو آهي، صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي دولت ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ نظام بهتر ڪري ره??و آهي، ??يٽف ان ۾ اسان جي مدد ڪئي، اسان جي دولت وصول ڪندڙ ملڪن ڊگهي عرصي تائين دنيا جي غريبن جي استح??ال سان پاڻ کي امير ڪيو، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڪندر ۽ سامونڊي ڌاڙيل جي وچ ۾ مقالمي جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ علامه اقبال جي ويجهو ننڍا وڏا ڦُورو هڪجهڙآ آهن، صدر اهو مقالمو به ٽوئيٽ ڪيو.