اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته شهب??ز شريف ڪهڙي ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيو آهي، ڪنٽونمنٽس جي اليڪشن ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ انهن جي پارٽي جو صفايو ٿي ويو آهي، انهن جي پارٽي سڪڙجي هڪ ريجن جي پارٽي بڻجي چڪي آهي، (ن) ليگ جو پراڻو شيوو آه?? جتان اليڪشن کٽي وڃي اها شف??ف، جتان شڪست ملي اتي ڌانڌلي جي واويلا شروع ڪن ٿا، سڄي ملڪ جي ڪنٽونمنٽس ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ پهرين نمبر تي آهي، جيڪڏهن ٿوري به اخلاقي جرئت شهب??ز شريف ۾ هجي ها ته ان ڳالهه جو ضرور اعتراف ڪري ها ته پهرين نمبر تي پي ٽي آءِ آهي. شهب??ز شريف جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته ڪنهن پارٽي جي مطالبي جي ڪا حيثيت نه آهي، صاف ۽ شف??ف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ماضي ۾ پراڻي نظام تحت ٿيندڙ اليڪشن تي ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ئي شف??ف اليڪشن جي ضامن آهي، مخالف ڌر هر معاملي تي سياست ڪري پر نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ذاتي مفادن کي پٺتي وجهي حڪومت جو ساٿ ڏي. هن چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيندڙ هاڻي 2023ع جي اليڪشن ۾ شڪست جا خواب ڏسي رهيا آهن، انشاءَ الله ناڪامي ۽ شڪست 2023ع ۾ به انهن جو مقدر بڻجندي. هن چيو ته وارا لڳائيندڙن ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ به اهي ئي ويا. هن چيو ته شهب??ز شريف صاحب، حڪومت تي تنقيد کان اڳ پنهنجي ضمانت ت?? لنڊن ڀڄائي وٺي ويندڙ ڀڳوڙي ڀاءُ کي واپس آڻيو.