لاهور – 06 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا ش??يد خطرا درپيش آهن جنهن جي ڪري پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا پيش اچي رهيا آهن، صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جو معاملو ??ارليامينٽ ۾ افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جنهن کي گلوبل وارمنگ جا ش??يد خطرا درپيش آهن، حڪومت جو بلين ٽري سونامي منصوبو مرحليوار جاري آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي، مخالف ڌر کي فوڊ سيڪيورٽي، ڪورونا وبا ۽ پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي ح??ومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. خواهش آهي ته اسيمبلي جو تقدس بحال رکون، حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ ٻئي جي موقف جو احترام ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر کي اپيل ڪريان ٿو ته هو ملڪي مسئلن تي بحث لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري، اسيمبلي فلور تي آزاداڻا فيصلا ڪندو آهيان، شهباز شريف جا ڪيترائي ڀيرا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. هن اهڙن خيالن جو اظهار مزار اقبال تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.