اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو شمار عالمي سطح جي پهرين 4 وڏن سماجي تحفظ پروگرامن ۾ ڪرڻ تي خاص معاون ??ين??ٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته انهن کي اهو سنگ ميل مبارڪ هجي، اهي ان اعزاز ۽ عالمي پذيرائي جا پوري طرح حقدار هئا. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام بابت رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. عالمي بئنڪ عالمي سطح تي ڪو??يڊ 19 کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سماجي تحفظ پروگرامن تي ٻڌل هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي.