اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته بهترين ۽ جديد طبي سهولتن تائين پهچ ملڪ جي موجود هر فر?? جو بنيادي حق آهي، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ضروري آهي، صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ هنن چيو ته حڪومت پاران عوام کي صحت جون بهتري?? سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي ??ڪ ۾ ويڪسينيشن جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، عوام کي بنيادي صحت جو?? سهولتون فر??هم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح?? ۾ ??امل آهي. هنن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ نئين اسپتالن جي قيام ۽ موجوده اسپتالن جي اپگريڊيشن لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، صحت انصاف ڪارڊ جي بنا فرق جي فر??همي موجوده حڪومت جو سڀ کان وڏو اهم ڪارنامو آهي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي پاڻ ۾ اختلاف وساري صحت جي شعبي بابت مسئلن جي حل لاءِ جامع پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي.