اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ ڪافي شدت آهي، ڪورونا ايس او پي?? تي عمل ڪريو، دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ ٿي وئي آهي، جيڪي ملڪ ويڪسين ٺاهين ٿا اتي به ويڪسين جي کوٽ آهي، هڪ سال ڪورونا کان احتياط ڪيو، ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ کا??و نه کا??و، سينيٽ اليڪشن ۾ احتياط نه ڪيو جنهن جي ڪري ڪورونا جو شڪار ٿي ويس. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪورونا کان هڪ سال احتياط ڪيو، سماجي فا??لو به رکيو، سينيٽ اليڪشن ۾ احتياط نه ڪيو جنهن جي ڪري ڪورونا ۾ مبتلا ٿيس، ڪورونا جي موجوده لهر خط??نا?? آهي، احتياط ڪريو ۽ ماسڪ پايو، ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ ڪافي شدت آهي. پنهنجو ملڪ بند نه ٿا ڪري سگهون، لاڪ ڊائون نه ٿا ڪري سگهون، ڪورونا جي ڪري اسان ڪاروبار ۽ فيڪٽريون بند نه ٿا ڪري سگهون، عوام کي اپيل آهي ته ڪورونا ايس او پي?? تي عمل ڪري، ايس او پي?? تي عمل نه ڪيو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪورونا ڪيس وڌيڪ سامهون اچي رهيا آهن، ڪورونا جي ٽئين لهر انگيلنڊ مان آئي آهي، هڪ سال ۾ ڪنهن شادي ۾ نه ويس ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ کا??و نه کا??و، الله مون تي ۽ منهنجي گهرواريءَ تي وڏو ڪرم ڪيو آهي، دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ ٿي وئي آهي.