اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مخالف ڌر پا??ان ڪوويڊ – 19 بابت پا??لياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غيرذميواراڻي سياست قرار ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخالف ڌر پا??ٽيون پا??ليامينٽ تي به اعتماد نه ٿيون ڪن، مخالف ڌر کي ان غيرذميواري تي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، حڪومت پنهنجي پاليسي ۽ موقف تي مضبوطي سان بيٺل آهي، مخالف ڌر سان يا مخالف ڌر کانسواءِ عوام جي ڀلائي، روزگار جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي سان جمهو??يت جا دعويدار هر معاملي کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، حڪومتي ايس او پيز جي خلاف ورزي تي پي ڊي ايم پ??او?? جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ قائدين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڄاڻي واڻي عوام جي جان کي خطري ۾ وجهندڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياط ئي واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت عوام جي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ان جي لاءِ سخت پا??نديون پڻ لڳايون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پا??لياماني ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏئي رهيو هو.