اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ??سٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي جان تي کيڏي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ وارن سيڪيورٽي گارڊز کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي ب??ان ۾ صدر چيو ته دهشتگردي تي ضابط?? آڻڻ ۽ پاڙ کان پٽڻ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪردار تحسين جي قابل آهي، هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا.