اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۾ ورتل ٻارن جي لاءِ عوام کي رت جي ع??ين جي اپيل ڪندي چيو آه?? ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٽرانسپورٽ سميت ٻين پابندين جي ڪري ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جا عطيا گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش آه??، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو ڏيو ڇو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت هڪ عظيم نيڪيءَ آه??، ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي زندگي جو دارومدار رت جي ع??يي تي هوندو آه??، رت جو عطيو ڏيندڙن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف نائن پارڪ ?? قائم ٿيلسيميا سينٽر جي دوري تي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.