اسلام آباد ??? 31 جولاءِ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحول شناس هجڻ جي ناطي منهنجي لاءِ اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ ورثي ۾ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان ڇڏيو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بلوڪي، پنجاب ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي مهم (#10 Billion Tree Tsunami) تحت مافيا کان آزاد ڪرايل زمين تي وڻڪاري جي هڪ سال کانپوءِ وڏي تبديلي ن??ايان آهي. وزيراعظم بلوڪي ۾ آزاد ڪرايل زمين جي وڻڪاري کان اڳ ۽ هڪ سال کانپوءِ جي تصوير پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح فرق ڏسي سگهجي ٿو ۽ اتي وڻڪاري جي نتيجي ۾ هاڻي مڪمل سرسبز آهي.