سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عوام رد ڪيو آهي اهي چونڊيل ??ڪو??ت ڪيرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، ٻانهون کنجي عوام کي درس ڏيندڙ تبليغي ٽولي جي ڪر??شن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي، مسيحا جو ويس بدلائي گهمندڙن جا ڪوڙا چهرا عوام جي سامهون بي نقاب ٿيڻ وڃي رهيا آهن، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام کانپو??ِ عوام جي رليف جون ٿڌيون هوائون هلي رهيو آهن، ??ڪو??ت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهڙي طرح جي صورتحال ۾ جڏهن عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ??ڪو??ت قدم کڻي رهي آهي ته اهڙي ماحول ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو پنهنجو پاڻ کي سياسي محاذ تي زنده رکڻ لاءِ ??طي??ا ٻڌائيندو رهندو آهي.