اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي آرڊيننس بابت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ملي وئي آ??ي، ان تي وڌيڪ جاچ ٿيندي، وزارت جي آفيسر ناصر جمال ڄاڻي ٻجهي حقيقتون لڪايون، کيس عهدي تان هٽ??يو ويو آ??ي، کيس جواب ڏيڻو پوندو ته هو ائين ڇو ڪري رهيو هو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پي آءِ او محمد سليم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان آرڊيننس جي معاملي بابت سينيئر ??فيسر شفقت جليل جي سربراهي ۾ قائم فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ اچي وئي آ??ي، ان معاملي تي ڪجهه ميڊيا جي حصي حقيقت کان ابتڙ رپورٽنگ ڪئي. هن چيو ته قانون ٺاهڻ حڪومت ۽ پارليامينٽ جو حق آ??ي، اهو تاثر ڏنو ويو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل وزير ڊڄي وئي آهي ۽ ان لاءِ مسودو واپس ورتو ويو آهي.