اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) ڪورونا جي باوجود سفارتي حوالي سان 2021ع، پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي وابستگي جو سال رهيو. صدر، وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير ٻطرفي رابطن جي فروغ لاءِ هلندڙ سال مجموعي طور تي ڪيترن ئي اهم ملڪن جا دورا ڪيا، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي ازالي، ڪشمير مسئلي ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي موثر آواز اٿاريو، پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون رکيو ۽ هندستان سرڪار جي هندوتوا پاليسين تان پ??دو کنيو، سڄي دنيا جي اهم ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي اسٽريٽجڪ حصيداري لاءِ موثر رابطا ڪيا ويا ۽ افغانستان جي ڏس ۾ سعودي عرب جي تجويز تي پاڪستان جي ميزباني ۾ او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جيڪو پاڪستان جي تمام وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. جمعي تي سال جي پڄاڻي تي پاڪستان جي پر??يه?? پاليسي جي نمايان ڪاميابين جي حوالي سان جاري رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت ۽ پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي قيادت ۾ پر??يه?? وزارت 2021ع ۾ انتهائي متحرڪ ۽ فعال پر??يه?? پاليسي جي ڪري ڪيتريون ئي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. ڪورونا وبا جي باوجود ، صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي، وزيراعظم عمران خان ۽ پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻطرفي رابطن جي فروغ لاءِ هلندڙ سال ڪيترن ئي اهم ملڪن جا دورا ڪيا جڏهن ته سال 2021ع دوران 35 ملڪن جي قيادت پاڪستان جو دورو ڪيو جيڪو ان ڳالهه جو اظهار آهي ته سفارتي حوالي سان 2021ع پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي وابستگي جو سال رهيو، پر??يه?? وزير جي 50 کان وڌيڪ ملڪن جي پر??يه?? وزيرن سان 85 ٻطرفيون ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ڪورونا وبا ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي ازالي، ڪشمير مسئلي ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي موثر اواز اٿاريو. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان اسرندڙ ملڪن جي معيشتن کي ڪورونا وبا جي معاشي بحران کان بچائڻ لاءِ ”قرضن جي ادائيگي ۾ سهولت جي فراهمي جي تجويز ڏني جنهن کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي“. پر??يه?? وزير گذريل سال جي دوران گڏيل قومن سميت عالمي فورمن تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي دنيا جو ڌيان فلسطين، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال طرف ڇڪرايو جڏهن ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون رکيو ۽ هندستان جي سرڪار جي هندوتوا پاليسين جو پردو هٽايو. ”2021ع ان فوڪس“ رپورٽ موجب سال 2021ع جي دوران پ????يه?? وزير نائجر ۾ منعقد او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 47 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي خلاف تاريخي قراردادون منظور ڪرايون ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پاڪستان جي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي سڄي دنيا جي اهم ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي اسٽريٽجڪ حصيداري لاءِ موثر رابطا ڪيا، وزيراعظم عمران خان ۽ پر??يه?? وزير 15 آگسٽ کانپوءِ ڪيترن ئي هم منصبن سان رابطا ڪيا ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ وڌندڙ انساني بحران طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو. پاڪستان 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي گڏيل لائحه عمل جوڙڻ لاءِ ”ويجهي پاڙيسري ملڪن“ کي اعتماد ۾ ورتو. پاڪستان جي سفارتي ڪوششن سان افغانستان جي 6 ويجهي پاڙيسري ملڪن جو پليٽ فارم وجود ۾ اچي چڪو آهي، ان پليٽ فارم جو پهريون اجلاس پاڪستان ۽ ٻيو ايران جي ميزباني ۾ ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٽيون اجلاس جلد ئي چين ۾ متوقع آهي. افغانستان جي خطرناڪ معاشي صورتحال جي ڏس ۾ سعودي عرب جي تجويز تي پاڪستان جي ميزباني ۾ او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جو انعقاد پاڪستان جي تمام وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. 30 پر??يه?? وزيرن ۽ نائب پر??يه?? وزيرن سميت 70 وفدن ان تاريخي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي خوصي هدايت تي پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي قيادت ۾ پر??يه?? وزارت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي قونصلر سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ موثر ۽ ٺوس قدم کنيا، پبلڪ ڊپلوميسي تحت ويزن يف او، ايف ايم ڊائريڪٽ ۽ ايف ايم پورٽل جاري ڪرڻ سال 2021ع جي نمايان سفارتي ڪاميابين ۾ شامل آهن.