لاهور ??? 06 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بو??دار سان سندس آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بو??دار ۽ شاهه محمود قريشي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ناپاڪ مهم جي شديد مذمت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي ادارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بو??دار چيو ته پاڪستان جا ادارا سڀني جي لاءِ قابل احترام آهن، مخصوص ايجنڊا تحت ادارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي ا??سوسناڪ ڳالهه آهي، افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر دشمن جي ا??جنڊا تي هلي رهيا آهن، مايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي ا??تظامي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قومي ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بي??ل رهنداسين، ادارن جي خلاف بيان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواه نه آهن.