اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي پشاور ??وڙ ۾ قائم پناهه گاهه جو درو ڪيو. وزيراعظم جي خاص مددگار ثانيه نشتر، سينيٽر فيصل جاويد، ۽ پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس به ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پناهه گاهه جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ پناهگاه جي انتظامن ۽ سهولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس وزيراعظم کي پناهگاهن ج?? انتظامن ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن ج?? باري ۾ بريفنگ ڏني، وزيراعظم پناهگاهن ج?? انتظامن کي ساراهيو ۽ چيو ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن ج?? عزت نفس جو احترام يقي??ي بڻايو وڃي ۽ کين معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.