اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشري??ت واري خ??وص?? صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته وفاقي حڪومت ڪرونا جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملازمن جي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، 50 س??لن کان وڌيڪ نزلي، زڪام ۾ ورتل ملازم گهر ۾ ويهي سرڪاري معاملا اڳتي وڌائيندا. ٻن هفتن جي لاءِ نادرا، پاسپورٽ اينڊ اميگريشن، سي ڊي اي جي ون ونڊو، آفيسن ۾ ٻارن جي لاءِ ڊي ڪيئر سينٽرن سميت ٻين سڀني اهڙن شعبن کي بند ڪيو ??يو آهي، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشري??ت واري خ??وص?? صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي عوام جو تحفظ ۽ سلامتي اسان جي اولين ترجيح آهي.