اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏ??هي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته علائقائي امن، سلامتي ۽ سهڪار لاءِ آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پاڪستان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو، آسيان جو علائقائي يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پرڏ??هي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏ??هي سيڪريٽري 27 جولاءِ کان لائو پي ڊي آر ۾ منعقد ٿيل 31 هين آسيان ريجنل فورم وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هن چيو ته ايشيا پيسفڪ خطي ۾ علائقائي تڪرارن تي پاڪستان جي نقطه نظر بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي گروپن جي سياست بدران ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ان تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏ??هي سيڪريٽري غ??ه ۽ افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي پرڏ??هي سيڪريٽري آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل داتو استنه عبدالعزيز، چين جي نائب پرڏ??هي وزير سن وي ڊونگ ۽ ملائيشيا جي پرڏ??هي وزارت جي سيڪريٽري جنرل داتو سري عمران محمد زين سان پڻ ملاقات ڪئي.