لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ خصوصي عدالت ڪالعدم تنظيم لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن جوابدارن عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ کي ڏوهه ثاب?? ٿيڻ تي پنج، پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر ٽي ??ي جج ارشد جاويد اهو فيصلو ٻڌايو. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار الزامن جي حوالي سان پنهنجي بي گناهي ۾ ڪي ٺوس ثبوت مهيا نه ڪري سگهيا. عدالت فيصلي ۾ باور ڪرايو آهي ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي لڳ??يل الز??م ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. جوابدرن تي ڪالعدم تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ ۽ لکت و??رو مواد رکڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل آهي، جوابدار عبدالحنان ۽ محمد موسيٰ خلاف 2023ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن موجب جوابدارن کان ڪالعدم تنظيم جي مشهوري لاءِ لکت و??رو مواد هٿ ڪيو ويو هو. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو بعد ۾ جمعي ڏينهن عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو.