اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايسٽونيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آ??يس موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان ٻطرفي سياسي مشاورت ۾ پاڪستان جڏهن ته ايسٽونيا جي ايش??ا، بحرالڪاهل، وچ اوڀر ۽ آفريقا جي شعبي جي ڊائريڪٽر ج??رل ڪرسٽي ڪارلسون اسٽونين وفد جي سربراهي ڪئي. ڌرين مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ۽ گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.