اسلا?? آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته نجڪاري پروگرام جي حوالي سان حڪومت سمورين ڌُرين کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وزير چيو ته پي آءِ اي ۽ اسلا?? آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان قدمن جو سلسلو جاري آهي. اسلا?? آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ آگسٽ تائين مڪمل ٿي ويندي. وزيراعظم اسلا?? آباد کان پوءِ لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته بجلي ۽ توانائي جي شعبي ۾ به قدم جاري آهن. ڊسڪوز جي ڪارپوريٽ گورننس ۾ بهتري آندي پئي وڃي. ڊسڪوز جي بورڊز ۾ نجي شعبي کي آندو پيو وڃي، نجڪاري جي پورگرام تي اسان جي ات??اد?? پارٽين سان مشاورت جاري آهي.