اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪا??ون?? خساري ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان اپريل تائين واپاري خسارو 21.6 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 17.7 ارب ڊ??لر تي اچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 22.6 ارب ڊ??لر هو. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي ??اڻ?? ۾ 3.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 23.8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 23 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان اماڻيل ??اڻ?? رڪارڊ ٿيو هو. حڪومت جي سڌارن وارين پاليسين ۽ معاشي بحالي لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊ??لر تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊ??لر رڪارڊ ٿي هئي. هلندڙ مالي سال دوران مٽاسٽا جي ??اڻ?? جي ذخيرن ۾ به چڱو اضافو ٿيو آهي ۽ اهي وڌي 14 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ??اڻ?? جا ذخيرا 8 ارب 90 ڪروڙ ڊ??لر آهن. معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ روپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو رڪجي ويو ۽ جون 2023ع کانپوءِ روپئي جي قدر ۾ 2.8 سيڪڙو اضافو جو رڪارڊ ٿيو.