شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو پنهنجو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو، پاڪستان رواني ٿيڻ وقت شانسي صوبي جي نائب گورنر ڇَن ڇُ?? جيانگ، اعليٰ چيني ۽ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف جو 5 ڏينهن جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چي?? جي لاڳاپ?? جي مضبوطي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات جي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. دوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته تازو چين جو دورو پاڪستان ۽ چي?? جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين جهت جو اضافو آهي. چيني قيادت شي جن پنگ ۽ پريميئر لي ڪي ڪيانگ جو مهمان نوازي تي دل سان ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي لازوال ۽ بي مثال آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪار?? جي پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي، چي?? جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستا?? جي اقتصادي حصيداري سان ٻنهي ملڪ?? جي عوام کي فائدو ٿيندو. تازي چي?? جي دوري دوران ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي جا اثر ڊگهي مدي تائين رهندا.