اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي نجي شعبن جي وچ ۾ شينزن پاڪستان بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني واپارين ۽ چين جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف شعبن ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون ??هن. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هلندڙ چين جي دوري دوران پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين وفاقي حڪومت جي بزنس ٽو بزنس قدمن جي نتيجي ۾ مفاهمت جي 32 مختلف يادداشتن تي صحيحون ڪيون ??هن. ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ اليڪٽرانڪس ۽ گهريلو اوزارن، آءِ سي ٽي، ٽيڪسٽائيلز، چمڙي، معدنيات ۽ دواسازي جا شعبا شامل آهن. پڌرائي موجب پاڪستان ۽ چين جي نجي شعبي توانائي جي شعبي ۾ چئن مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز)، آٽو موبائيل جي شعبي ۾ ٻه، ثقافتي تعاون ??ي شعبي ۾ هڪ جڏهن ته انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي شعبي ۾ چئن ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ??هن. اهڙي طرح پاڪستان ۽ چين جي پرائيويٽ سيڪٽرز دواسازي ۽ هيلٿ ڪيئر سيڪٽر ۾ 6 ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ??هن جڏهن ته لاجسٽڪس جي شعبي ۾ چئن ۽ زراعت ۽ ف??ڊ پروسيسنگ جي شعبي ۾ مفاهمت جي 10 يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ جي شعبي ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي پڻ صحيحون ڪيون. واضح رهي ته بزنس ڪانفرنس شينزن 2024ع نه رڳو علائقائي منڊين ۾ پاڪستاني مصنوعات کي متعارف ڪرائڻ جي ل??ءِ راهه هموار ڪندي پر اها پاڪستان جي معيشت جي اسٽريٽجڪ تبديلين تي مضبوط علائقائي حڪومت ?? ڪاروباري ل??ڳاپن تي مثبت اثر پڻ ڇڏيندي. تقريب منعقد ڪرڻ ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومت جي ان بي ٽو بي قدمن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ بي مثال اڳئين سطح جو صنعتي تعاون متوقع آهي.