ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي سفار??ي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ و??ير??عظم سان گڏ ملاقات ۾ شريڪ هئا. و??ير??عظم گڏيل عرب امارات جي صدر سان شيخ طحنون بن محمد النهيان ۽ شيخ حزه بن سلطان النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. و??ير??عظم پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان حصيداري خاص طور تي انفارميشن ٽيڪ??ال??جي، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. و??ير??عظم گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز، غذائي تحفظ، مواصلات، معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي سروسز جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.