اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ ??وا??شن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ??هي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ??رپور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم نئين چونڊيل صدر اظهر عباس، سينيئر نا??ب صدر اياز خان، نا??ب صدر محمد عثمان، سيڪريٽري جنرل طارق محمود ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايڊيٽرز ۽ نيوز ڊائريڪٽرز جو رياست ۾ مثبت صحافت جي فروغ جي لاءِ ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اميد ??هي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ??رپور ڪردار ادا ڪندا، ميديا رياست جو ??وٿون ٿنڀ آهي، حڪومت (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي ميڊيا جي ترقي ۽ ان کي جديد رخن تي هلڻ لاءِ قدمن ۾ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي.