اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حو??لي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، چيني تع??ون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ جي حو??لي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزارتن پاران پاڪستان چين ٻطرفي معاشي لاڳاپن ??ي حو??لي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چيو ته چيني انڊسٽري خاص طور تي چيني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حو??لي سان جامع پلان جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته چيني تع??ون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز جو قيام سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حو??لي سان اهم منصوبو هوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزارتون پاڪستان چين جي تع??ون جي نئين منصوبن جي حو??لي سان تياري ڪن ۽ بزنس ٽو بزنس رابطا وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ جي حو??لي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۾ چين پاڪستان جو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.