اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ عا??مي بئنڪ سڌارن ۽ ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ نئين مضبوط ۽ پرجوش ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ تي متفق ٿي ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ورلڊ بئنڪ جي علائقائي نائب صدر مارٽن رائسر وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪنٽري نمائندو ناجي بينهسين پڻ موجود هو. مارٽن رائسر جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ترقي ۾ عا??مي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ مو??مي??تي لچڪدار انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ بئنڪ پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. هن وفد کي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا بابت ٻڌايو ??نهن ۾ ٽيڪس جي پوري نظام جي ڊيجيٽائيزيشن، پاور سيڪٽر ۾ سڌارن، زرع?? شعبي ۾ في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي، ٻارن جي واڌويجهه جي مسئلي کي حل ڪرڻ شامل آهي. پاڪستان جي جارحاڻي سڌاراجاتي ايجنڊا کي ساراهيندي مارٽن رائسر چيو ??ه عا??مي بئنڪ پائيدار ترقي جي مقصد سان معيشت جي تبديلي جي سفر ۾ پاڪستان سان تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي ڌرين هڪ نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت هڪ ڊگهي مدي واري حصيداري ۾ شامل ٿيڻ تي اتفاق ڪيو ??نهن ۾ سالياني جائزي مڪينزم سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته نتيجا حاصل ٿين، حڪمت عملي ۾ مستقبل جي ضرورتن جي شمويلت لاءِ لچڪ شامل هوندي، نئين حصيداري هڪ ڏهاڪي دوران پاڪستان جي لاءِ اهم ترقياتي ترجيحن جي مخصوص ڏس ۾ تبديلي جا اثر حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي. ترجيحن جي شروعات?? شعبن ۾ جن تي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي انهن ۾ ڍانچاجاتي اقتصادي سڌارا بشمول گهريلو وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ خاص طور تي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪس پاليسي ۾ سڌارا شامل آهن. انساني سرمائي جي واڌويجهه خاص طور تي ٻارن جي واڌويجهه ۽ بنيادي تعليم کي بهتر بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهڙي طرح توانائي ج?? شعبي ۾ سڌارن، بشمول ٽران??مي??ن ۽ ڊسٽري بيوشن ۾ نج?? شعبي جي حصيداري ۾ اضافي ۽ توانائي کي سستو، صاف سٿرو ۽ مالي طور تي پائيدار بڻائڻ جي لاءِ گرين انرجي طرف منتقلي تي پڻ اتفاق ڪيو ويندو. پاڻي جي وڌندڙ کوٽ ۽ آبهوا بابت تبديلي کي بهتر طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين مو??مي??تي موافقت ۾ تعاون تي زور ڏنو. زرع?? شعبي ??مي?? معاشي موقعن ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان عا??مي مهارت ۽ بهترين طريقن کي متحرڪ ڪرڻ، اداراجاتي صلاحيت جي تعمير، ڊيجيٽل تبديلي مان فائدو کڻڻ ۽ نج?? شعبي جي حصيداري ۾ عا??مي بئنڪ، نج?? شعبي، عا??مي مالياتي اداري، ڪارپوريشن ۽ گهڻ رخي سيڙپڪاري جي گارنٽي ايجنسي جي ذريعي عا??مي سطح جي مهارت مان فائدو کنيو ويندو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ??ه نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي تياري جو عمل وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ تعليمي ماهرن، پارليامينٽ ميمبرن، سول سوسائٽي، ترقياتي حصيدارن ۽ نج?? شعبي سان مشاورت تي ٻڌل هوندو. عا??مي بئنڪ ڌرين سان رابطو قائم ڪندي ته جيئن حصيداري جي ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي جيڪا پاڪستان حڪومت جي اهم ترقياتي ترجيحن ۽ حڪمت عملي موجب آهي. عا??مي بئنڪ جي ڪنٽري نمائندي مسٽر ناجي بينهسين ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ان سلسلي ۾ پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ موجود هو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان ۽ پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.