اسلام آباد – 30 – اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي آخري مالياتي قسط جي جاري ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملڻ سان پا??ستان ۾ وڌيڪ معاشي استحڪام ايندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آ ايم ايف جي آخري مالياتي قسط جي جاري ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چ??و ته آءِ ايم ايف جي 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملڻ سان پا??ستان ۾ وڌيڪ معاشي استحڪام ايندو. 2016ع ۾ منهنجي قائد نواز شريف آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو هو، هي ايس بي اي جو ٻيو پروگرام آهي جيڪو مڪمل ٿي رهيو آهي. 16 مهينن جي حڪومت دوران پا??ستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۾ آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو اهم ثابت ٿيو هو. پا??ستان جي معاشي تحفظ جي لاءِ تلخ ۽ مشڪل فيصلا ڪيا پر ان جا ثمر معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. وزيراعظم چ??و ته الله تعاليٰ معيشت کي بهتر بڻائڻ جو موقعو ڏنو آهي، پوري سگهه سان محنت ڪنداسين، پا??ستان کي معاشي ترقي ڏيارينداسين. قرض وٺڻ ڪاميابي نه آهي، ڪاميابي ان ڏينهن ٿيندي جنهن ڏينهن قرض مان ڇوٽڪارو ماڻينداسين. وزيراعظم چ??و ته انهي جذبي سان صحيح رخ ۾ تسلسل سان محنت جاري رهي ته قرض مان ڇوٽڪارو ۽ معاشي خوشحالي جو دور پڻ جلد ايندو. وزيراعظم ن??ڻي واري وزير محمد اورنگزيب سميت سموري معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چ??و ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جا پڻ ٿورا ادا ڪريان ٿو جنهن پا??ستان جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو.