مڪه مڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمرو ا??ا ڪيو، ان موقعي تي ب??ت الله جا دروازا کولي وز??راعظم کي خاص زيارت ڪرائي وئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وز??راعظم پنهنجي سعودي عرب جي دوري ۾ سومر ڏينهن وفد سان گڏ عمرو ا??ا ڪيو. هن خانه ڪعبه جو طواف ڪيو ۽ عمري جا ٻيا فرض ادا ڪيا. وز??راعظم خانه ڪعبه ۾ نفل پڻ ادا ڪيا، کيس ب??ت الله جا دروازا کولي خاص زيارت ڪرائي وئي. وز??راعظم ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. هن عالمي امن، سڄي دنيا جي مسلمانن خاص طور تي فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ پڻ خصوصي دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ پنجاب جي وز??راعليٰ پڻ وز??راعظم سان گڏ هئا.