اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرپرسن سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي ڏنل ٽاسڪ جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت، منشيات جي خاتمي واري وزار??، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن، ملڪي سيڪيورٽي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي وز??را??ظم شهباز شريف کي ايف آءِ اي ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي تجويز ڪ??ل سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ پلان تي پڻ بريفنگ ڏني. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته بجلي چوري جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا نرمي نه ڪئي وڃي.