اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن جي حوالي ??ان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي ريمارڪس تي م??ڊي?? جي سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان هڪ جا??ع جمهوري عمل کي فروغ ڏيڻ، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ انساني حق?? ۽ ??نيادي آزادين جي تحفظ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي جنهن جي ضمانت ان جي قانون?? ۽ ??ئين ۾ ڏني وئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي چونڊ قانونن موجب 8 فيبروري تي چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي پلانز کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هن چيو ته ا??ان جو عدالتي نظام منصفاڻو ٽرائل ۽ مباسب عمل فراهم ڪري ٿو، چونڊ عمل ۾ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ ملڪي قانونن جي ذريعي ??نه?? جو قانوني حل موجود آهي.