اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چين جي ن??ئب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيني ن??ئب پرڏيهي وزير ۽ سندس وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي قدر جي ن??اهه سان ڏسي ٿو. آڪٽوبر 2023ع ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ بيجنگ جي پنهنجي دوري کي ياد ڪندي ن??ران وزيراعظم چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي پاڪستان جي لاءِ گرمجوشي جي جذبن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيني قياد?? ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڪاميابي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن کانسواءِ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. چيني ن??ئب پرڏيهي وزير ملاقات تي ن??ران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس دوري دوران ٿيندڙ مختلف ملاقاتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيني قيادت پاران نگران وزيراعظم کي خصوصي مبارڪباد ڏني. نائب پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستان ”مضبوط ڀائر“ آهن. هن يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سدائين هڪ اعتماد جوڳو حصيدار رهندو.