اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته پاڪستان قطر سان واپار ۽ سي??پڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، قطر پاران غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت فلسطين ۾ امن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان ۾ قطر جي سفير مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ان موقعي تي ??يو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان واپار ۽ سي??پڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم قطر ج?? ا??ير جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ڏنو. نار خطي ج?? ا??ميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم ??يو ته خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل قطر سميت نار ملڪن جي سي??پڪارن کي پاڪستان ۾ معيشت ج?? ا??م شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ راغب ڪرڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن قطري سفير کي ??يو ته هو سياحت ۽ م??ڊي?? جي شعبن ۾ تعاون جا امڪان ڳولي. نگران وزيراعظم غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيندي ??يو ته فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ سفير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيند?? ا??يد ظاهر ڪئي ته سندس مقرري دوران ٻئي ملڪ دوستي جي رشتي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.