اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرمنل لاء ترميمي آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو، نئين آرڊين??س تحت بجلي چوري جا واقعا قابل د??ت اندازي ڏوهه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڪرمنل لاء ترميمي آرڊيننس 2023ع جو مقصد پاڪستان پينل ڪوڊ 1860ع جي سيڪشن 462 (0) ۾ ترميم ڪر?? آهي. بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي ان کان اڳ بجلي چوري جي واقعن جي ايف آءِ آرز داخل ڪرائڻ ۾ مشڪلاتون درپيش هيون جڏهن ته نئين آرڊين??س تحت بجلي چوري جا واقعا قابل د??ت اندازي ڏوهه هوندو. آرڊيننس کانپوءِ بجلي چوري نه رڳو گريڊ 17 يا مٿي جي آفيسر پر بجلي چوري جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي سي اي اوز جي نامزد ڪيل ماڻهن جي شڪايت تي قابل د??ت اندازي ڏوهه هوندي. صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو. آرڊيننس سان توانائي جي شعبي ۾ ٿ??ند?? اٽڪل 590 ارب رپين جي بجلي چوري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.