اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪينيڊين هائي ڪمشنر ليسلي اسڪينلون وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم ۽ هائي ڪمشنر ڪئناڊا پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي ??ختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ترقياتي پروگرام، 2022ع جي ??وڏ کانپوءِ انساني امداد، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي سيڙپڪاري خاص طور تي ريڪوڊڪ پراجيڪٽ شامل آهن. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ??چ ۾ مضبوط لاڳاپن ??ي اهميت تي زور ڏيندي حڪومت پاران ترجيحي شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي معيشت ??ي استحڪام، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاري سهولت ۽ غيرقانوني غيرملڪين جي ??طن واپسي تي روشني وڌي. ڪينيڊين هائي ڪمشنر پاڪستان حڪومت پاران ڪئناڊا ??ي افغان ري لوڪيشن پروگرام جي ??اءِ ڪيل حمايت کي سا??اه??و.