اسلام ??باد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ج?? اظهار ڪندي چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خل??ف ورزيون جاري رکيون آ??ن، آڪٽوبر ۾ قابض فوج 17 ڪشميرين کي شهيد ۽ 10 کي زخمي ڪيو. ترجمان چيو ته ٻه سئو کان وڌيڪ گهيراءُ ۽ تلاشي ج?? ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران گهرن کي تباهه ۽ 78 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اهي ڪارروايون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران انساني حقن جي مسلسل خل??ف ورزين جي عڪاسي ڪن ٿيون. ترجمان چيو ته تاريخ ثاب?? ڪيو آهي ته انساني حقن جي مقامي حالتون ۽ انساني قانون جون منظم خل??ف ورزيون ناقابل تصور سانحن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اهڙي طرح جي سانحي کي روڪن جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو پنهنجو غيرقانوني قبضو ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري ج??ڪي ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري ج?? حق کي تسليم ڪن ٿيون.