اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? انڊونيشيا سان واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ سياحتي لاڳاپا وڌيڪ فر??غ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انڊونيشيا سان پنهنجي ??يجهي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي ??گاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙا??ي رکندڙ آهن. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب هو انڊونيشيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ايڊم ملاور من ٽوگيو سان ملاقات ۾ ڳالها??ي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو اهم عنصر آهي، پاڪستان واپار، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي، انڊونيشيا جا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي ??چ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ??اءِ گڏيل سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ اضافو لازمي آهي. انڊونيشين سفير ايڊم ملاور من ٽوگيو چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا کي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جي ??اءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي متنوع بڻائڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ سڌوسنئون اڏامون کولڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو، پاڪستاني شاگرد انڊونيشيا ۾ تعليمي وظيفا حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ ترقي جي رفتار برقرار رهندي. صدر سفير جي ??ستقبل جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.