لاهور – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪي معيشت جي بحالي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مختلف شعبن خاص طور تي ??ءِ ٽي سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ??اتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، لاهور چيمبر جو صدر ڪاشف انور، مس فريحه يونس، شميم اختر، م??ان جبار خالد، خادم حسين، محمد فهيم يوسف، راجا حسان اختر، عمر داد آفريدي ۽ شاهد خليل به موجود هئا. صدر واپارين تي ??ور ڏنو ته اهي معذور ماڻهن جي بحالي، ڇاتيءَ جي ڪينسر، ذهني مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پرائيويٽ سيڪٽر کي به پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. هن چيو ته انهن مسئلن تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ آگاهي سيشنز ۽ سيمينارز منعقد ڪي?? وڃن. صدر ذهني ۽ نفسياتي ??حت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ذهني مرض کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، گهر کان وٺي ڪم ڪار وارين جاين تي ٽريننگ جو خصوصي بندوبست ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهڙن ماڻهن کي ان مرض کان بچائڻ جي لاءِ آگاهي ڏئي سگهجي. تعليم جي حوالي سان ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جنهن جي لاءِ هزارين اسڪولن جي ضرورت آهي، ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسڪولن جون شفٽون وڌائڻ سان گڏوگڏ مسجدن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان صدر چيو ته لاهور چيمبر جا ميمبر ان ڪم وارين جاين تي ??ورتن جي انگ ۾ اضافو ڪن. معيشت جي مختلف شعبن ۾ 35 سيڪڙو عورتن جي نمائندگي تمام ضروري آهي ته جيئن ملڪي ترقي ۾ عورتون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر کي ٻڌايو ويو ته لاهور چيمبر جا 32 هزار ميمبر آهن ۽ 25 سيڪڙو عورتن کي ملازمت جي فراهمي جو هدف پورو ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته لاهور چيمبر جي ميمبرن جي انفرادي ڪوششن سان وڏي انگ ۾ ٻارن کي اسڪول موڪلي سگهجي ٿو. منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي لاءِ به انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي. لاهور چيمبر جي صدر ڪاشف انور صدر کي ٻڌايو ته لاهور چيمبر جي انتظام هيٺ خصوصي ماڻهن جي بحالي لاءِ ليبارڊ جي نالي سان هڪ ادارو ڪم ڪر?? رهيو آهي، جنهن جي ذريعي هڪ لک ماڻهن کي مصنوعي اوزار فراهم ڪيا ويا آهن. شرڪت ڪندڙن سماجي ۽ طبي مسئلن تي ڪم ڪرڻ تي ??در ڊاڪٽر عارف علوي جي جذبي کي ساراهيو.