اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سوئيڊن ۾ هڪ بدبخت جي هٿان قرآن پا?? جي بي حرمتي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي تي اڄ جمعي نماز کانپوءِ سڀ پا??ستاني پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته قرآن مجيد جي حرمت جي معاملي ??ي سڄي قوم هڪ آهي. سوئيڊن واري واقعي تي سڄي مسلمان امت چڙ ۾ ورتل آهي. هڪ بدبخت جي هٿان قرآن پا?? جي بي حرمتي جي ڏکوئيندڙ واقعي تي پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ قرآن تقدس ڏهاڙي جي عنوان سان اڄ اسان سڀ هڪ آواز بڻجي ??لڪ گير احتجاج ڪنداسين ۽ جمعي نماز کانپوءِ پا??ستاني قوم مسلمانن جا سمورا طبقا ناموس قرآن جو جهنڊو کڻي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. وزيراعظم چيو ته قرآن اسان جي دل ۾ آهي، قرآن اسان جي لاءِ جيئڻ جو ذريعو آهي.