پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سند?? چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جي ر??ح جي عين موجب هئي، گهڻ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسان سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، اسان سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون ملهائڻ جو فيصلو پڻ ??يو، اهو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ هڪ تبديلي جو منصوبو آهي. وزيراعظم چيو ته هن چين پاران پاڪستان جي ل??ءِ سفارتي ۽ اقتصادي حمايت جاري رکڻ خاص طور تي ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گروپ – 20 سياحتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي موقعي تي چين جي اصولي موقف تي وزيراعظم لي چيانگ جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي.