پيرس – 23 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي و??ير??عظم لي ڪي چيانگ جي وچ ۾ نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪ چين اقتصادي لنگهه سميت معاشي تعاون جي فروغ، اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ ۽ گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جا??ي رکڻ جي پڪي عزم جو ورجا??ُ ڪيو آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ وزارت عظميٰ جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ و??ير??عظم لي ڪي چيانگ جي و??ير??عظم شهباز شريف سان هي پهرين ملاقات هئي. ملاقات پاڪ??تا?? ۽ چين جي سدابهار آزمايل ڪوآپريٽو حصيداري جي روايتي خيرسگالي ۽ پرجوش ماحول ۾ ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ ٻطرفي معاشي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اهم موضوعن تي چين جي حمايت جو ورجا??ُ ڪندي و??ير??عظم شهباز شريف پاڪ??تا?? جي جاگرافيائي سالميت، خودمختياري ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ چين جي پڪي ۽ مسلسل حمايت جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري خطي ۾ جي – 20 جو اجلاس گهرائڻ جي چين پاران ڀرپور مخالفت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون جي بالادستي جي چين جي اصولي موقف جو مظهر آهي. و??ير??عظم لي ڪي چيانگ چيو ته پاڪ??تا?? ۽ چين جي دوستي منفرد ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ موجود گهري ڀائراڻن جذبن تي قائم آهي جيڪا وقت ۽ حالتن جي تبديلي کان بي نياز آهي. هن چيو ته ويجهي پاڙيسري ۽ آئرن برادر پاڪ??تا?? چين جي پاڙيسرين بابت سفارتڪاري ۾ خصوصي درجو رکي ٿو. چين جي و??ير??عظم چيو ته چين پاڪ??تا?? جو اهم مفادن جي تحفظ، معاشي ترقي ۽ پاڪ??تا?? جي عوامجي خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ڪوششون جا??ي رکندو. پاڪ??تا?? ۾ سي پيڪ منصوبن جي مستحڪم انداز ۾ ترقي جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي طرفن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سي پيڪ پاڪ??تا?? جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ مرڪزي اهميت رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جا??ي رکڻ جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن هلندڙ سال سي پيڪ جي ڪاميابي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو. و??ير??عظم شهباز شريف ۽ و??ير??عظم لي ڪي چيانگ پاڪ??تا?? ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي رفتار برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. و??ير??عظم شهباز شريف چين جي پنهنجي هم منصب کي جلد پاڪ??تا?? جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا و??ير??عظم لي ڪي چيانگ قبول ڪري ورتي.