پيرس ??? 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي يافته ملڪ ماحولياتي مسئلن مسئلن ??ان اسرندڙ ملڪن جي واڌويجهه جي شرح تي پوندڙ منفي اثرن مان نڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ خصوصي ڪردار ادا ڪن، اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي فراهمي جي لاءِ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحول??ات جي لاءِ آمريڪي صدر جي خصوصي نمائندي ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير جان ڪيري ??ان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ جان ڪيري هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ماحول??ات جي مسئلي تي جان ڪيري ۽ آمريڪي حڪومت جي ترجيحن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ماحولياتي مسئلا دنيا جو گڏيل مسئلو آهي جنهن جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ ??وش??ون گهربل آهن. جان ڪيري کي ماحول??ات جي لاءِ آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪي صدر جو خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ ان مسئلي جي اهميت جو ادراڪ آهي. هن چيو ته وڌندڙ ماحولياتي مسئلا خاص طور تي اسرندڙ ملڪن جي ترقي ۽ واڌويجهه جي شرح کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن، شديد معاشي مشڪلاتن ۾ 2022ع ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مسئلن کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪ ماحولياتي مسئلن ??ان اسرندڙ ملڪن جي واڌويجهه جي شرح تي پوندڙ منفي اثرن مان نڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ خصوصي ڪردار ادا ڪن، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کان??وء?? وسيلن جي فراهمي جي واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ اهم آهي، نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس سربراهي ڪانفرنس اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جو پيغام آهي، اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي فراهمي جي لاءِ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن. جان ڪيري موسمياتي تبديلين جي مسئلي ??ان اسرندڙ ملڪن جي لاءِ خطرن ۾ اضافي ??ان اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ??وش??ن جي لاءِ رابطو برقرار رکڻ ۽ مشاورت ??ان اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.