اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ??ل جماع??ي حريت ڪان??رن?? آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب وفد جي قيادت ڪل جماع??ي حريت ڪان??رن?? جي آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر محمود احمد ساغر ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت جي دوري دوران ??شمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي ??وق?? جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ??ارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفار??ي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي شڪار والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. ڪل جماع??ي حريت ڪان??رن?? جي اڳواڻن اڻٿڪ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.