اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان – ايران با??ڊر مند – پشين ڪراسنگ پوائنٽ جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب اڄ خميس ڏينهن مند – پشين سرحد (پاڪستان – ايران سرحد) تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي به ايندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ با??ڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪندا. با??ڊر مارڪيٽ جي قيام سان سرحد جي ٻنهي ط??فن رهندڙ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ کي روڪي سگهبو. ان کانسواءِ حڪومت وڌيڪ 5 با??ڊر مارڪيٽس تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي ج??د واپار جي لاءِ کوليو ويندو. وڌيڪ اهو ته ٻئي اڳواڻ 100 ميگاواٽ گبد- پولان بجلي جي ٽرانسميشن ??ائين جو افتتاح به ڪندا. گبد پولان ٽرانسميشن ??ائين وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مُدي ۾ تعمير ٿي. ان ٽرانسميشن ??ائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران گهٽ لاڳت بجلي جي مجموعي پيداوار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهمي جو واعدو پورو ٿيو. دوري دوران وزيراعظم ۽ ايراني صدر جي وچ ۾ غيررسمي ملاقات به ٿيندي.