اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگ??يب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف مرحوم وفاقي وزير مفتي عبدالشڪ??ر جي غيرمعمولي عوامي خدمتن تي کيس هلال امتياز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگ??يب چيو ته ڪابينا ڊويزن کي باضابطا طور تي سمري موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مفتي عبدالشڪور درويش صفت انسان هو جنهن سادي زندگي گذاري ۽ عوام جي مخلصاڻي خدمت ڪئي.