اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) ملائيشيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر آمنه بلوچ کي بيلجيئم، لڪمسبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. آمنه بلوچ فارن سروس جي سينيئر آفيسر آهي ۽ وسيع سفارتي تجربو رکي ٿي. هو ڊينمارڪ، سريلنڪا، چين ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني مشنز ۾ خدمتون ??رانجام ڏئي چڪي آهي. پنهنجي موجوده ذ??يو??ري کان اڳ هن چين جي شهر چينگڊو ۾ قونصل جنرل طور خدمتون ??رانجام ڏنيون ??هن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اميد آه?? ته آمنه بلوچ جلد نيون ????يو??ريون ??نڀاليندي.