اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ ري??ست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين جي نه هوندي. اهڙي طر?? زنا، چوري، ڌاڙي، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي پڻ سزائن ۾ گهٽتائي لاڳو نه ٿيندي. وڌيڪ اهو ته سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيند?? ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪيون آهن، انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طر?? 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.