اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ انفارميشن ڊپا??ٽم??نٽ گلگت بلتستان سان تعلق رکندڙ آفيسرن جي هڪ وفد ڊائريڪٽوريٽ اف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) اسلام آباد جو دورو ڪيو. وفد جو استقبال ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود خان ڪيو. بعد ۾ وفد کي ڊي اي ايم پي جي معاملن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وفد ڊائريڪٽوريٽ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. وفد کي ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو ايگزيڪيوٽو ڊپا??ٽم??نٽ آهي، ان جي معاملن ۾ پبليڪيشنز، فلمون، دستاويزي فلمون، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ ۽ نمائشون منعقد ڪرڻ شامل آهي. اطلاعات واري وزارت جو هي کاتو ورڇ کان اڳ به موجود هو ۽ پاڪستان ??ائم ٿيڻ جي شروعاتي دور ۾ ٽيليويزن جي غيرموجودگي ۾ فلم ريل تي سرڪاري تقريبن جي تصويرڪشي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پبليڪيشنز سيڪشن ڪتب، ميگزينز ۽ بروشرز وغيره جي باقاعدگي سان ڇپائي ڪري ٿو، ان جي باقاعده اشاعتن ۾ ”ماهه نو“ ۽ ”پاڪستان ??ڪٽوريل“ جهڙا رسالا پڻ شامل آهن. تازن ڏينهن ۾ ان کاتي قائداعظم ۽ پاڪستان جي ثقافتي ورثي تي ٻه ڪافي ٽيبل بڪس شايع ڪيا. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميديا هن وقت پاڪستان جي 75 سالن تي هڪ ڪافي ٽيبل بڪ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن کاتي جو فلمز سيڪشن باقاعدگي سان دستاويزي فلمون ۽ نغما تيار ڪري ٿو ته جيئن عوام ۾ قومي ساک ۽ بيداري کي فروغ ڏئي سگهجي. تازو ئي تيار ڪيل دستاويزي فلمن ۾ ”پاڪستان اينڊ فيفا ورلڊ ڪپ“، ”گرڌواره ڪرتارپور صاحب تي دستاويزي فلم“، ”ميڊيا بليڪ آئوٽ ان ڪشمير“ شامل آهن. هن ڊپا??ٽم??نٽ ”ميرا پيارا پاڪستان“ ۽ ”جيوي پاڪستان“ گانا پڻ تيار ڪيا جن کي بعد ۾ ساحر علي بگا پڻ ڳايو جن کي خوب ساراهيو ويو. فلم سيڪشن گذريل ٻن سالن دوران آءِ ايس پي آر جي تعاون سان ”نيشنل اميچور فلم فيسٽ??ول??? جو پڻ انعقاد ڪيو. کاتي جو مانيٽرنگ سيڪشن 24 ڪلاڪ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي ته جيئن ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندڙ ڪنهن به واقعي يا تجزيي کان حڪومت کي اپ ڊيٽ رکي سگهجي. مانيٽرنگ سيڪشن 24 ڪلاڪ رپورٽس ۽ پيغامن کي تيار ڪري ٿو ۽ انهن کي ايوان صدر، وزيراعظم آفيس، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ سميت مختلف وزيرن ۽ آفيسرن سان شيئر ڪيو وڃي ٿو. ڄاڻايل ڊپا??ٽم??نٽ اهم ايونٽس، موقعن ۽ حڪومتي تقريبن جي ڪوريج جون رپورٽون پڻ تيار ڪري ٿو. ان کانسواءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز باقاعدگي سان ??مائشون منعقد ڪري ٿو جتي هي ڊپا??ٽم??نٽ آزادي جي ڏهاڙي، قائداعظم جي ڏهاڙي ۽ ڪشمير سان ??ڪجهتي جي ڏهاڙي جهڙن موقعن تي پبليڪيشنز، دستاويزي فلمن ۽ تصويرن جي نمائش جي ذريعي شاگردن، تعليمي ادارن ۽ عام عوام تائين پهچ حاصل ڪري ٿو. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز سوشل ميڊيا سان گڏوگڏ فيس بڪ، يوٽيوب ۽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هينڊلز ۽ پيجز جي ذريعي پنهنجي موجودگي کي وڌايو آهي. ان کانسواءِ ان جي پنهنجي ويب سائيٽ پڻ موجود آهي. گلگت بلتستان انفارميشن ڊپا??ٽم??نٽ سان تعلق رکندڙ آفيسرن ڊيمپ جي سمورين آفيسن جو دورو ڪيو ۽ ڊائريڪٽوريٽ جي آفيسرن ۽ عملي جي ڪم جي انداز ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. آفيسرن ڊي اي ايم پي جي مانيٽرنگ سيٽ اپ کي گلگت بلتستان ۾ پڻ شروع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. دورو ڪندڙ آفيسرن ڊي اي ايم پي ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت جي وچ ۾ دستاويزي فلمن جي تياري ۽ نمائشون منعقد ڪرڻ ۾ تعاون جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري جي پڄاڻي تي دورو ڪندڙ آفيسرن کي سووينيئرز پڻ ڏنا ويا.