اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ??ان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ??رطانيا پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ 90 لک پائونڊ جي اضافي مدد جي اعلان تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ملاقات دوران برطانوي هاءِ ڪمشنر پاران پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين بابت آگاهي جي قدمن کي ??ار??هيو. پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ??رطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.