ڪراچي -04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46.3 ارب رپين جي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي اوور هالنگ/ نئين سِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ٽٽل روڊن جي اوور هالنگ خاص ڪري ننڍا روڊ جيڪي فارمن کي م??رڪيٽ ۽ مختلف ڳوٺن کي مکيه شاهراهن سان ڳنڍيندا آهن اهي م??يشت جي بحاليءَ ۽ عوام جي سهولت ۽ اچ وڃ جي لاءِ اهم آهن. هن اها ڳالهه وزي??اع??يٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ورڪس وارو صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا ۽ چيف انجنيئر روڊز شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 23 ضلعن جا 71 روڊ جن جي ڪل ڊيگهه 1473.38 ڪ??وم??ٽر آهي اهي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن جن ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ 157.7 ڪ??وم??ٽر جا 6 روڊ، دادو ۾ 149.27 ڪ??وم??ٽر جا 5 روڊ، شهيد بينظير آباد جا 106.6 ڪ??وم??ٽر جا 3 روڊ، نوشهروفيروز ۾ 137 ڪ??وم??ٽر جا 9 روڊ، حيدرآباد ۾ 20.4 ڪ??وم??ٽر جا 2 روڊ، ٽنڊوالهيار ۾ 93.8 ڪ??وم??ٽر جا 6 روڊ، ٽنڊو محمد خان ۾ 19 ڪ??وم??ٽر جو هڪ روڊ، ٺٽي ۾ 65 ڪ??وم??ٽر جا 4 روڊ، سجاول ۾ 55.5 ڪ??وم??ٽر جا 2 روڊ، بدين ۾ 71 ڪ??وم??ٽر جو هڪ روڊ، ميرپورخاص ۾ 80 ڪ??وم??ٽر جا 2 روڊ، عمرڪوٽ ۾ 20 ڪ??وم??ٽر جو هڪ روڊ، سانگهڙ ۾ 46 ڪ??وم??ٽر جا 3 روڊ، ٿرپارڪر ۾ 35 ڪ??وم??ٽر جو هڪ روڊ، سکر ۾ 58 ڪ??وم??ٽرن جا 5 روڊ، گهوٽڪي ۾ 9 ڪ??وم??ٽر جو هڪ روڊ، خيرپور ۾ 23 ڪ??وم??ٽر جا 2 روڊ، شڪارپور ۾ 67 ڪ??وم??ٽر جا 3 روڊ، جيڪب آباد ۾ 45.45 ڪ??وم??ٽر جا 3 روڊ، ڪشمور ۾ 52.29 ڪ??وم??ٽر جا 3 روڊ، لاڙڪاڻي ۾ 92.65 ڪ??وم??ٽر جا 5 روڊ ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 67.2 ڪ??وم??ٽر جا 3 روڊ شامل آهن. ورڪس واري وزير ضياءَ عباس شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته روڊن جي لاڳت جو ڪاٿو 46.32 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اسڪيم جي منظوري ڏيندي چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد ڪم کي باقاعده فائنل ڪري ان تي عمل شروع ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) صوبي جي ڪجهه وڏن روڊن جي م??مت جي ڪم لاءِ مالي م??د ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي جنهن لاءِ ضروري ڪاغذ مڪمل ڪيا پيا وڃن.